تعليمي ادارا بند ڪرڻ بابت تڪڙ سان ڪيل فيصلو تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيندو : شفقت محمود

اسلام آباد: تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ بابت تڪڙ سان ڪيل فيصلو تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيندو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شفقت محمود چيو ته شاگردن جي صحت اسان جي اولين ترجيح آهي ان لاءِ ڪوبه فيصلو صحت واري وزارت جي روشني ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته 6 مهينن کان تعليمي ادارا بند هجڻ سبب شاگردن کي وڏو نقصان ٿيو جنهن کان پوءِ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو مڪمل احتياط سان ڪيو ويو. ان ڪري هاڻ ان حوالي سان تڪڙ سان ڪيل ڪنهن به فيصلي سبب تعليم تباهه ٿي ويندي. شفقت محمود چيو ته اسان جي 90 سيڪڙو سرڪاري ۽ گهٽ فيسن واري خانگي تعليمي ادارن وٽ آن لائن ٽيچنگ جي سهوليت به نه آهي ۽ جڏهن ان ادارن کي بند ڪنداسين ته ڪيترائي شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويندا. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته تعليم جو هڪ وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن جي ازالي ۾ سال لڳي سگهن ٿا. جڏهن ته صحت اولين ترجيح آهي ان لاءِ ان عنصر کي به ذهن ۾ رکيو وڃي. واضح رهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ صوبائي حڪومت ٻئي مرحلي ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جي لاءِ اسڪول کولڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔