سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران قاتل ڪورونا جا 237 نوان ڪيس ظاهر،4 ڄڻا فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران قاتل ڪورونا جا 237 نوان ڪيس ظاهر ٿيپيا جڏهن ته چار ڄڻا فوت ٿي ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگ اکر موجب صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 14352 ڄڻن جا سيمپل ورتا ويا جنهن بعد 237 مريضن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. هن وقت صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 1200357 ٿي ويو. وبا سبب 24ڪلاڪن ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 2459 ٿي ويو. ڪراچي ۾ 165 ڪيس رپورٽ ٿيا. بدين مان 11، حيدرآباد مان 9، ٽنڊو محمد خان مان 5 ڪيس ظاهر ٿيا، ڄامشورو، بينظير آباد ۽ خيرپور مان 4_4 ڪيس رپورٽ گهوٽڪي مان 3 ڪيس ظاهر ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔