سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سيڪنڊري ڪلاس 28 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي:  سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

تعليم واري وزير جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين تدريسي عمل 21 سيپٽمبر تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔