موٽر وي ڪيس: جوابدار عابدعلي پوليس کان 10 فٽ جي فاصلي تان فرار

ننڪانه صاحب: گجر پوره موٽر وي زيادتي ڪيس جو مُک جوابدار عابد علي ملهي شيخوپوره ۽ قصور کانپوءِ ننڪانه صاحب پوليس جي به هٿن مان نڪري ويو. پوليس 10 فُٽ جي فاصلي تي موجود عابد علي کي گرفتار نه ڪري سگهي.

تفصيل موجب مُک جوابدار عابد علي پراڻا ننڪانه صاحب ۾ پنهنجي سالي ڪشور بي بي سان ملڻ آيو هو، جوابدار عابد راءِ بلار پارڪ ۾ سالي ڪشور کان گهرواري بشريٰ بابت پڇي رهيو هو ته علائقي واسين 15 مددگار تي ڪال ڪري پوليس کي جوابدار جي موجودگي جو اطلاع ڏنو، پر روايت موجب پوليس 25 منٽ دير سان پهتي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ايس ايڇ او ٿاڻي سٽي ننڪانه صاحب عبدالخالق صرف 3 پوليس اهلڪارن سان گڏ موقعي تي پهتو ته فون ڪندڙ ايس ايڇ او سٽي ٿاڻي ننڪانه صاحب کي ٻڌايو ته هي عابد علي آهي، فون ڪندڙ جو آواز ٻڌندي ئي جوابدار عابد علي پوليس جي هٿن مان نڪري ويو، جيئن ته پوليس ۽ جوابدار جي وچ ۾ صرف 10 فٽ جو فاصلو هو.

پوليس جوابدار عابد علي کي ته گرفتاري نه ڪري سگهي پر سالي ڪشور ۽ 2 ٻن سالن کي پڪڙي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. جڏهن ته عابد جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن به بنا ڪنهن نتيجي جو رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔