اينٽي ڪرپشن پنجاب جي 44 شوگرملز مالڪن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو

لاهور: اينٽي ڪرپشن پنجاب جي شوگرملز مالڪن جو گهيرو تنگ ڪندي سڄي پنجاب مان 44 شوگر مالڪن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن سڄي پنجاب مان 44 شوگرملز مالڪن کي  رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. ان بابت  ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته ظلم به  رهي ۽ انصاف به ٿئي اهو ممڪن نه آهي. هاري جو استحصال ڪڏهن به برداشت نه ڪندس. سڄي صوبي مان مل مالڪن جي خلاف وڏي انگ ۾ شڪايتون ملي رهيون آهن.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي گذريل ٻن هفتن دوران شوگرملز مالڪن جي خلاف 2507 شڪايتون مليون آهن هارين کي حڪومت جي طئي ڪيل ريٽ کان گهٽ اگهن جي حوالي سان 1363 شڪايتون، مل مالڪن طرفان اڃان تائين هارين کي رقم جي ادائيگي نه ٿيڻ جي حوالي سان 641 شڪايتون، مل مالڪن طرفان ڪيل غيرقانوني ڪٽوتي جي حوالي سان 503 شڪايتون مليون آهن.

ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتو سڄي صوبي ۾ هارين جي سهوليت لاءِ کليل ڪچهرين جو بندوبست ڪري رهيو آهي. اينٽي ڪرپشن هارين سان سالن کان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔