سمگلنگ روڪڻ لاءِ پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدن تي 18 بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدن تي 18 بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن بابت ٿيل اجلاس ۾ پاڪ ايران ، پاڪ افغان، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال بلوچستان جي معدني وسيلن بابت بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران چيو ويو ته ملڪي سيڙپڪار بلوچستان جي معدني وسيلن ۾ دلچسپي رکن ٿا. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪ، افغان سرحد تي 12 ۽ پاڪ ايران سرحد تي 6 مارڪيٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ 2 ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ سرحدن ذريعي ٿيندڙ اسمگنگ جِي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو . وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت واپاري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، معدني وسيلن کي شفاف نموني استعمال ۾ آندو وڃي، معدني وسيلن جي استعمال سان صوبن ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته مارڪيٽس سان سرحدي علائقن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو ،سرحدن تي مارڪيٽس لاءِ لاڳاپيل عملو مقرر ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔