ڀارت ۾ پاڪستاني هندن جو پراسرار قتل، پاڪستان هندو ڪائونسل پاران جاچ جو مطالبو

ڪراچي: 11 پاڪستاني هندن جي ڀارت  پراسرار مارجي وڃڻ جو معاملو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي ان حوالي سان شفافيت جي کوٽ واضح نظر اچي رهي آهي ، ۽ ڀارت جي هٺ ڌرمي عروج تي آهي ، ان حوالي سان هندو خاندان جي سربراهه  جي ڌيءَ شريمتي مُکي به هوش اڏاريندڙ انڪشاف ڪيا هئا . هن پنهنجي خاندان جي قتل جو ذميوار ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي قرار ڏنو هو .

هاڻي پاڪستان هندو ڪائونسل جي باني ۽ چيئرمين ڊاڪٽر راميش ڪمار جوڌپور ۾ هندو خاندان جي پراسرار قتل واري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

سندس چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت ان معاملي ۾ انصاف جي تقاضن کي اهميت ڏي ، روايتي هٺ ڌرمي نه ڏيکاري . هي معاملو گهڻو سنگين آهي ۽ ان جي شفاف جاچ لازمي ڪرائي وڃي . متاثر ٿيل خاندان کي هر صورت ۾ انصاف ڏنو وڃي .

ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل ڪجهه سوال به اٿاريا . راجستان جي علائقي جوڌ پور ۾ 11 پاڪستاني هندو وطن ڇڏيندڙ جي پراسرار قتل جو معاملو هن وقت تائين ڇونه حل ٿيو آهي ؟ مظلوم خاندان جي ڌيءَ موجب ذميوار ڪير آهن ؟ پاڪستاني حڪومت کي جاچ کان ڇو بي خبر رکيو پيو وڃي ؟ ڊاڪٽر رميش چيو ته ايندڙ پنجن ڏينهن تائين پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي نه ٻڌايو ويو ته هندو ڪائونسل ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڀارتي سفارتخاني ٻاهران احتجاج جو حق محفوظ رکي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔