ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن ۾ اضافو، انگ 6 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 6 هزار 295 ٿي ويو آهي

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 752 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ سموري ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 4 هزار 386 ٿي ويو.

اين سي اي سي موجب فعال ڪيسن جو انگ 6 هزار 295 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 2 لک 91 هزار 683 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 9 فوتگيون ٿيون جنهن کانپوءِ مجموعي فوتگين جو انگ 6 هزار 408 ٿي ويو.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 33 هزار 125، پنجاب ۾ 98 هزار 142، خيبرپختونخواهه 37 هزار 242، اسلام آباد ۾ 16 هزار 033، بلوچستان ۾ 13 هزار991، آزاد ڪشمير 2 هزار 472 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 381 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔