ماسڪ نه پائيندڙن لاءِ انوکي سزا، قبرون کوٽايون وينديون…!

سڄي دنيا ۾ ڪووڊ -19 (ڪورونا وائرس) تباهي مچائي آهي ۽ ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي اچڻ تائين صحت واري عالمي اداري سميت سمورين تنظيمن ۽ ادارن ماسڪ پائڻ ۽ سوشل ڊسٽينسنگ تي عمل ڪرڻ لاءِ قاعدا بڻايا آهن.
لکين فوتگين جي باوجود ماڻهو ڪورونا انفيڪشن کي سنجيدگي سان نه پيا وٺن، انڊونيشيا ۾ اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ ماسڪ نه پائڻ تي هڪ صفا الڳ طريقي جي سزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
انڊونيشيا جي اوڀر جاوا صوبي جي انتظاميا ماسڪ نه پائيندڙڻ کي ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جون قبرون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ماسڪ پائڻ کان انڪار ڪرڻ تي اوڀر جاوا جي گيرسڪ ريجنسي مان اٺ ماڻهن کي ماسڪ پائڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڀر واري ناب بيٽن ڳوٺ ۾ موجود عوامي قبرستان ۾ قبرون کوٽڻ جي سزا ڏني وئي. ٻڌايو ته هتي ڪنهن کي ڪورونا مريض جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت ناهي.
ضلعي ڪرم جي چيف سيونو چيو ته اسان وٽ قبرون کوٽيندڙن جي گهٽتائي آهي، ان ڪري جيڪي ماڻهو ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن انهن کي اِهو ڪم ڪرڻو پوندو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته ان سزا جي ڪري ماڻهو ماسڪ نه پائڻ واري غلطي نه ڪندا، هن چيو ته هن وقت تائين ٻن ڄڻن کي قبرون کوٽڻ حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔