پي ٽي وي معافي وٺڻ کانپوءِ اداڪار راشد محمود کي نئون چيڪ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پاڪستان ٽيلي ويزن انتظاميا سينيئر اداڪار ۽ صداڪار راشد محمود کي رڳو 620 رپين جو چيڪ جاري ٿيڻ تي معافي گهرندي کيس واڌو پيسن جو چيڪ ڏئي ڇڏيو. راشد محمود 14 سيپٽمبر تي انڪشاف ڪيو هو ته پي ٽي وي لاهور سينٽر جي انتظاميا کي محرم الحرام دوران مرثيو پڙهڻ تي رڳو 620 رپين جو چيڪ جاري ڪيو هو. راشد محمود انتهائي گهٽ معاوضي جو چيڪ ملڻ تي اعلان ڪيو هو ته هاڻي هو احتجاجي طور تي پي ٽي وي لاءِ ڪم نه ڪندو. اهڙو معاملو سامهون اچڻ تي پي ٽي وي انتظاميا نوٽيس ورتو هو ۽ انتظاميا اداڪار کان معذرت به ڪئي هئي. پي ٽي وي نيوز طرفان 14 سيپٽمبر تي اداڪار جي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ راشد محمود ٻڌايو ته کيس 620 رپين جو چيڪ غلطي سان ڏنو ويو. راشد محمود جو چوڻ هو ته پي ٽي وي جي مينجنگ ڊائريڪٽر کيس گهٽ پيسن جو چيڪ ملڻ جو نوٽيس ورتو ۽ ايم ڊي ٻڌايو ته کيس غلطي جي بنياد تي چيڪ جاري ڪيو ويو. راشد محمود ٻڌايو ته ايم ڊي پي ٽي وي معذرت به ڪئي. راشد محمود کي رڳو 620 رپين جو چيڪ ملڻ تي اطلاعات واري وزير شبلي فراز به هڪ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو هو ته سينيئر اداڪار کي غلطي سان چيڪ جاري ٿيو ۽ ڄاڻايل غلطي تي پي ٽي وي انتظاميا معذرت به ڪري ورتي آهي. انتظاميا معافي کانپوءِ راشد محمود کي نئون واڌو پيسن وارو چيڪ به جاري ڪيو. راشد محمود تصديق ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته پي ٽي وي نئون چيڪ موڪليو آهي. اداڪار پي ٽي وي جي موڪليل نئين 9600 رپين جي چيڪ جي تصوير به شيئر ڪئي گڏوگڏ اداڪار واضح ڪيو ته هو نئون چيڪ ملڻ باوجود پي ٽي وي سان ڪم نه ڪندو. اداڪار موجب هن پي ٽي وي طرفان موڪليل چيڪ ڪيش نه ڪرايا آهن ۽ هن فيصلو ڪيو آهي ته هو ٻنهي چيڪس کي ڊرائينگ روم ۾ سينگاري يادگار طور رکندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔