شاهد آفريدي به نئين ڊوميسٽڪ نظام جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به نئين ڊوميسٽڪ نظام جي حمايت ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته ڪنهن به نظام جا نتيجا سامهون اچڻ ۾ 2 کان 3 سالن جو عرصو لڳندو آهي، تنهن ڪري نئين ڊوميسٽڪ سسٽم جي نتيجن لاءِ به انتظار ڪيو وڃي.
هن چيو ته ذميواري ملڻ جي حوالي سان منهنجو پي سي بي سان ڪو رابطو ناهي ٿيو ۽ نه ئي مون کي بورڊ طرفان ڪنهن عهدي جي آڇ ٿي آهي، مان سماجي ڪمن ۾ مصروف آهيان ۽ مون وٽ بورڊ ۾ ذميواري ادا ڪرڻ جو وقت ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جارحاڻي ڪرڪيٽ ئي اسان جي ڪاميابي آهي، عالمي ڪرڪيٽ بهادرن جي راند آهي، اسان جي رانديگرن کي بهتر نتيجن لاءِ دلير ٿيڻو پوندو، ڪرڪيٽ ۾ جارحاڻو انداز ئي ڪاميابي ڏياريندو آهي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏڻ تمام ضروري آهي، ان کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔