فيس بڪ ايندڙ سال اسمارٽ گلاسز متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

فيس بڪ پنهنجي پهرين اسمارٽ گلاسز کي 2021ع ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي امڪاني طور تي اسمارٽ فونز جي جاءِ وٺندڙ ڊيوائس جي تياري جي منصوبي جو حصو هوندو.
اِهو اعلان فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ ڪيو جنهن لاءِ سوشل ميڊيا سائٽ هڪ ٻي ڪمپني ايسيلر لڪسوٽيڪا سان ڀائيواري ڪئي آهي.
مارڪ زڪربرگ ڪمپني جي ورچوئل ريئلٽي واگيومينٽڊ ريئلٽي ڪانفرنس دوران چيو ته آئون هن وقت ڊيوائس جي مڪمل تفصيل ته نٿو ٻڌائي سگهان، پر اِها ريئلٽي گلاسز ڏانهن اڳڀرائي هوندي ۽ هو ڏسڻ ۾ سٺا لڳندا.
فيس بڪ طرفان ڪانفرنس جي دوران اوڪيولس ڪويئسٽ وي آر هيڊسيٽ به متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ اپ گريڊ پراسيسر ۽ هائر ريزولوشن ڊسپلي ڏنو ويو آهي.
ان ڊيوائس کي اوڪيولس ڪويئسٽ 2 جو نالو ڏنو ويو ۽ هي اڳوڻي هيڊسيٽ جي ڀيٽ ۾ 100 ڊالرز سستا هوندو يعني 229 ڊالر ۾ دستياب ٿيندو.
هي اسمارٽ گلاسز ۽ نئون هيڊ سيٽ فيس بڪ طرفان سوشل نيٽ ورڪنگ کان ٻاهر نڪري هارڊويئر جي شعبي ۾ پنهنجا پير مضبوط وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش جو نتيجو آهي.
فيس بڪ ويڊيو چيٽ ڊيوائسز پورٽل کي به تيار ڪيو آهي جن کي ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي.
فيس بڪ ۽ ايسيلر لڪسوٽيڪا جي ڀائيواري سان تيار ٿيندڙ گلاسز فيس بڪ ايپس ۽ ٽيڪنالاجيز سان ليس هوندا.
ان جي قرمت ۽ نالي سميت ٻي تفصيل ڪجهه عرصي کان پوءِ جاري ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔