ٿوري وڏي ٿيان پوءِ شادي جو سوچينديس: آئمه بيگ

ڪراچي: نوجوان گلوڪارا آئمه بيگ اداڪار شهباز شگري سان پنهنجي دوستي جي خبرن کي درست قرار ڏيندي چيو آهي ته ٿوري وڏي ٿيان ته پوءِ شادي جو سوچينديس.
آئمه بيگ ۽ شهباز شگري هر هنڌ گڏ نظر ايندا آهن ۽ ٻنهي جي حوالي سان مختلف خبرون پڻ گردش ڪنديون رهن ٿيون، جن بابت گلوڪارا پهريون ڀيرو دل جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي.
آئمه بيگ هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو دوران شهباز شگري سان پنهنجي لاڳاپن ۽ شادي سميت مستقبل جي منصوبن تي کليل نموني ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته شهباز شگري ۽ مون بابت جيڪي به خبرون آهن اهي درست آهن، اسان جي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن مان فلم ”پري هٽ لو“ لاءِ گيت رڪارڊ ڪرائي رهي هيس ۽ مون کي هن سان گڏ ڪم ڪري سٺو لڳو، هو تمام پرسڪون انسان آهي، مان کيس ڪڏهن به ڪنهن سان وچڙندي ناهي ڏٺو ۽ مون کي ڪنهن به مرد ۾ اهڙين ئي خاصيتن جي ڳولا هئي.
گلوڪارا موجب شهباز ۽ منهنجي ذهني هم آهنگي تمام سٺي آهي ۽ اسان جڏهن گڏ هوندا آهيون ته ڏاڍو سٺو لڳندو آهي، هن جو مون سان رويو سدائين دوستاڻو هوندو آهي، توهان کي جيڪڏهن همسفر جي صورت ۾ دوست ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي.
شادي بابت سوال تي آئمه بيگ چيو ته مان ٿوري وڏي ٿيان پوءِ شادي جو سوچينديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔