ڪجهه ماڻهو نئين پاڪستان کي ڏکيائين سان ڳنڍَي رهيا آهن: وزيراعظم عمران خان

لاهور : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو نئين پاڪستان کي ڏکيائين سان ڳنڍَي رهيا آهن، قرض لاهڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته پريشانين جون منهن ڏسڻو پيو. عمران خان چيو ته ڏکين حالتن ۾ ڪئمرامين مائيڪ پڪڙي پڇندو آهي ته ڪٿي آهي پاڪستان، اهڙا سوال ٿيندا ته لازمي آهي ماڻهو گهٽ وڌ ڳالهائيندا. وزيراعظم عمران خان شيخوپوره ۾ راوي رِور فرنٽ اربن اٿارٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي، منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبي لاءِ سيڙپڪاري نجي شعبو ڪندو، حڪومت کي رڳو سهولتڪاري ذريعي رنڊڪون ختم ڪرڻيون آهن، وفاقي سرڪار منصوبي لاءِ مڪمل سهڪار ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔