متحد قوم جي عزم کي ڪوئي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته متحد قوم جي عزم کي ڪوئي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي ۾ ليفٽيننٽ ناصر حسين جي گهر ويو ۽ هن شهيد جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي ، ان موقعي تي آرمي چيف شهيد جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي .

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيوته ليفٽيننٽ ناصر حسين وطن جي دفاع جو فرض نڀائيندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ، هن شهيد جي گهر ڀاتين جي حوصلي کي به داد ڏنو.

جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هوته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هيروز جو قدر ڪري ٿي ، ڪو به خطرو متحد قوم جي عزم کي لوڏائي نه ٿو سگهي .

واضح رهي ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد 3 سيپٽمبر تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔