ڪورونا وائرس جا سموري دنيا ۾ هاڃا جاري ، هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار 370 انساني جانيون ضايع

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا سموري دنيا ۾ هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران 3 هزار 370 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن دوران 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 91 لک 44 هزار ٿي ويو آهي. ڪورونا ڪيسز جي لِحاظ سان ڀارت ٻئي نمبر تي پهچي چڪو آهي، هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 140 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 93 هزار 215 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪورونا سبب متاثر ڀارتي شهرين جو ڪُل انگ 48 لک 45 هزار 3 ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ هڪ ڏينهن دوران 421 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد ميڪسيڪو ۾ فوتين جو انگ 70 هزار 604 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 351 ڪورونا مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 14 هزار 597 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 43 لک 30 هزار 455 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ به فوتگين جو سلسلو جاري آهي، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 338 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 29 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 67 لک 5 هزار 505 ٿي ويو آهي. ايران ۾ وڌيڪ 128 فوتگيون ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 23 هزار 115 ٿي ويو آهي، روس ۾ 94، عراق ۾ 73، ترڪي ۾ 57، ارجنٽينا ۾ 44، بنگلاديش ۾ 31، سعودي عرب ۾ 28 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 9 لک 27 هزار 449 ٿي ويو آهي. 2 ڪروڙ 9 لک 71 هزار 255 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔