حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ وڪيل عورت جو گهر مان لاش هٿ

ڪراچي: حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ وڪيل عورت جو گهر مان لاش هٿ آيو، 35سالن جي صوبيه زال عامر مارواڙي جو لاش گهر مان مليو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پڃاري پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو مڙس سان جهيڙو هلندڙ هو، واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي هاءِ ڪورٽ بار جي ميمبر وڪيل عورت جي پراسرار موت بعد وڪيل برادري ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، عورت وڪيل جي پراسرار موت بعد سوڳ ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار پاران عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، 35 سالن جي صوبيه زال عامر مارواڙي جو لاش رات دير سان پريٽ آباد ۾ گهر مان مليو، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ميمبر عورت آپگهات ناهي ڪيو، کيس قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔