اسڪول واپسي تي اسان لکين ٻارن کي ڀليڪار چئون ٿا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڊگهي عرصي کان پوءِ اسڪول واپسي تي لکين ٻارن جي آجيان ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته اسڪول واپسي تي اسان لکين ٻارن کي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو يقيني بنائڻ ته هر ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حفاظت سان اسڪول وڃي سگهي اهو اسان جي ترجيح ۽ اجتماعي ذميواري آهي.

عمران خان safeatschool# (اسڪول ۾ محفوظ) جي بيش ٽيگ کي استعمال ڪندي چيو ته اسان اسڪولن ۾ تدريسي سرگرمين کي ڪورونا جي حوالي سان  صحت جي قائدن سان هم آهنگ بنائڻ جو خاص طور تي اهتمام ڪيو آهي.

ياد رهي ته  ڪورونا وائرس سبب مارچ کان تعليمي ادارا بند هئا جنهن کي حڪومت اڄ کان مرحليوار کولڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ميٽرڪ ۽ ان کان اڳيان جي ڪلاسن جي شروعات 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي جڏهن ته ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول 23 سيپٽمبر کان کوليا ويندا ۽ 30 سيپٽمبر تي حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول کوليا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔