راحت ڪاظمي بابت بيان تي سخت تنقيد: عفت عمر وضاحتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون

لاهور: سوشل ميڊيا تي اداڪاره ۽ ماڊل عفت عمر کي ماضي جي خوبصورت اداڪار راحت ڪاظمي جي حوالي سان پنهنجي هڪ غير معمولي بيان تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي جنهن کان پوءِ عفت عمر اهڙي وضاحت پيش ڪئي جيڪا صارفين کي بالڪل پسند نه آئي ۽ سندس مٿان وڌيڪ تنقيد ٿيڻ لڳي.عفت عفر جي پريشاني جي شروعات ان جي آن لائن پروگرام ۾ پنهنجي پهرين پروجيڪٽ جي ذڪر سان ٿي جنهن ۾ عفت عمر ٻڌايو ته هڪ سين ۾ مون کي پنهنجي پيءُ راحت ڪاطمي کي ڀاڪر پائڻو هو ۽ مون کي راحت ڪاظمي سان انسيت سبب اهو سين ڪافي دفعا ري ٽيڪ ڪرايو هو. ان وقت کي ياد ڪندي عفت عمر وڌيڪ چيو ته اصل ۾ مان پنهنجي خواهش پوري ڪري رهي هئس ڇو ته مون کي راحت ڪاظمي تمام گهڻو پسند هو اهي جملا وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين عفت عمر تي تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا.سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ هو ته پنهنجي پيءُ جيتري عمر جي شخص راحت ڪاظمي سان جيڪو ڊرامي ۾ به عفت جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو ان سان عفت عمر جو پنهنجي رومانس جي خواهش جي لاءِ گلي ملڻ جو عمل افسوسناڪ آهي. سوشل ميڊيا تي تنقيد جو سلسلو جاري هو ته عفت عمر انسٽاگرام تي راحت ڪاظمي سان گڏ ان سين جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ راحت ڪاظمي(والد) پنهنجي ڌيءَ(عفت عمر) کي گلي لڳائي رهيو آهي ۽ ان جو ڪيپشن لکيو(معصومانه جهپي).

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔