پاڪستان جو بين الافغان ڳالهين ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙن کي شڪست ڏيڻ جو عزم

اسلام آباد: پاڪستان افغانستان جي سهڪار سان بين الافغاني ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙن کي شڪست ڏيڻ  جي عزم جو اظهار ڪيو آهي .

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سرحد جي ٻنهين پاسن تشدد واقعن ۾ افسوسناڪ حد تائين اضافي جو مقصد افغان امن عمل کي پٽڙي تان لاهڻو آهي .

پنهنجي پيغام ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان يقين رکي ٿو ته ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جي مستحق آهن، اسان گڏجي بگاڙ پيدا ڪرڻ  وارن کي شڪست ڏينداسين .

اهڙي عزم جو اظهار ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن افغان حڪومت پاران 6 خطرناڪ طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ بين الافغان امن عمل پنهنجي انعقاد جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي .

آزاد ٿيل قيدي بعد ۾ قطر روانا ٿي ويا جتي هو نومبر جي آخر تائين نگراني هيٺ رهندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔