ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ ڀارتي جواب جو اڃان تائين انتظار آهي: ڪلڀوشن ياديو

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارتي جاسوس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي فوجي عدالت پاران سزا ٻڌائڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو نظرثاني جي اپيل تي قانوني نمائندي جي مقرري لاءِ پنهنجي آڇ تي ڀارتي جواب جو انتظار آهي .

سندس چوڻ هو ته ”پاڪستان نه ته بنانا ريپبلڪ آهي ۽ نه ئي غير اصولي رياست آهي ۽ پاڪستان انصاف واري عالمي عدالت (آءِ سي جي ) جي 17 جولاءِ 2019 جي فيصلي سان گڏ گڏ سڀني عالمي قانونن تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو .

هن چيو ته ان دوران ٻئي پاسي اسان ٻين رياستن کان به ان قسم جي ردعمل جي توقع ڪيون ٿا ته جيئن هو عالمي قانون جو احترام ڪن .

سپريم ڪورٽ جي پريس ايسوسي ايشن جي وفد سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ڀارتي جاسوس جي دفاع لاءِ وڪيل جي مقرري لاءِ اڳ ۾ ئي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔