زندگي ۾ زال کان پنهنجون سڀ محبتون لڪائي رکيون اٿم: نعمان اعجاز

لاهور:پاڪستان ڊراما اندسٽري جي مشهور اداڪار نعمان اعجاز جو چوڻ آهي ته زال کي پنهنجي ٻين محبتن کان بيخبر رکندو آهيان.

اداڪار نعمان اعجاز جو ماضي ۾ ڏنل انٽرويوپ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿي رهيو آهي.

انٽرويو جي ميزبان عفت عمر اداڪار نعمان اعجاز کان سوال ڪيو ته اسان ماڻهو(اداڪار) ٿورا عاشق مزاج به هوندا آهيون، اهڙي حالت ۾ توهان جي ڪامياب زندگي جو راز ڇا آهي؟

نعمان اعجاز جواب ڏنو ته اسان اداڪار ٿورا نه پر گهڻا عاشق مزاج هوندا آهيون، ڪامياب زندگي جو سبب اهو آهي، هڪ ته اسان(زال مڙس) ان رشتي جون جيڪي ضرورتون آهن، اهي پوريون ڪيون ٿا، ٻيو اهو ته جيڪڏهن مان پنهنجي زال جي باري ۾ چوان ته سچ اهو آهي، آئون تمام گهڻو خوش قسمت آهيان.

پروگرام جي ميزبان طرفان زندگي ۾ دل اٽڪڻ ۽ هڪ ڏينهن جي محبت بابت سوال تي نعمان اعجاز جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا دل اٽڪي ۽ باربار اٽڪي، ان تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهان، هر وقت محبت ٿئي ٿي ۽ روزانو ٿئي ٿي، مان ته گهڻي محبت ڪرڻ وارو انسان آهيان.

اداڪار وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا عورت اندر ۽ ٻاهر خوبصورت آهي ۽ مشڪل آهي منهنجي محبت به ان سان ٿيندي آهي. 

ميزبان عفت عمر وڌيڪ سوال ڪيو ته جن ٻين عورتن سان توهان جي محبت ٿيندي آهي، انهن کي ته خبر پوندي هوندي، تنهن تي نعمان بشير جواب ۾ چيو ته انهن کي ضرور خبر پوندي آهي پر انهن جي مڙسن کي خبر نه پئجي سگهندي آهي.

نعمان اعجاز جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه اڄڪلهه معاشري ۾ هلي رهيو آهي، مي ٽو، هي ٽو، شي ٽو، اهو سڀ ڪجهه دين کان دوري سبب ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔