سنڌ کي وفاق جو کوکلو نظام نه گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ کي وفاق جو کوکلو نظام نه گهرجي، سنڌ ۾ برسات تمام گهڻي تباهي آندي آهي، ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته برسات ۽ ايل بي او ڊي ميرپور خاص ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم کي انساني بُنيادن تي اپيل ڪريان ٿو ته ميرپور خاص اچي ۽ ڪپتان بڻجي متاثرن جي مدد ڪري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي سنڌ ۾ برسات متاثر علائقن جا دورا ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي تي پابندي نه آهي ته ڪراچي کان ٻاهر نه نڪري، اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ جو ادارو آهي، ان کي سنڌ جي برسات متاثر علائقن ۾ اچڻو پوندو، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ برسات جيتري تباهي ڪئي آهي، ايتري ڪٿي به ناهي ٿي، رليف، بحالي ۽ نئين سر اڏاوت لاءِ رٿابندي ڪرڻي پوندي، متاثرن کي هنگامي بُنيادن تي خيما ۽ راشن پهچائڻ جي ضرورت آهي، ميرپور خاص ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته برسات سبب فصل به تباهه ٿي ويا آهن، وڏن زميندارن ۽ ننڍن آبادگارن جي هنگامي طور امداد ڪرڻي پوندي، جيڪو سنڌ جي عوام جو حق آهي اهو ان کي ڏئي ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي، وفاق جو کوکلو نظام نه گهرجي، سنڌ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، وفاق کي بيانن بدران سنڌ جي مدد ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔