نوابشاهه: اڳوڻو ڊي ايڇ او شهيد بينظير آباد ڪورونا وائرس سبب فوت

نوابشاهه :اڳوڻو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شهيد بينظير آباد ڊاڪٽر معين شيخ ڪورونا وائرس سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه نوابشاهه سندس رهائش گاهه منواباد آندو ويو.
واضح هجي ته ڊاڪٽر معين شيخ دوڙ سول اسپتال، سڪرنڊ سول اسپتال ۾ ايم ايس رهڻ سان گڏ ڪورونا وائرس واري دور ۾ شهيد بينظير آباد جو ڊي ايڇ او رهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔