سلمان خان بگ باس جي ميزباني ساڍن 4 ارب رپين ۾ ڪندو

ممبئي: ڀارت جي تڪراري ريئلٽي شو ”بگ باس“ جو 14هون سيزن جلد شروع ٿيندو ۽ اطلاع آهن ته هلندڙ سال به ان شو جي ميزباني ناليوارو اداڪار سلمان خان ڪندو.
سلمان خان گذريل 10 ورهين کان ان شو جي ميزباني ڪندو پيو اچي ۽ هر سال هو پنهنجي معاوضي ۾ واڌ ڪندو رهيو آهي.
رپورٽن موجب گذريل سال سلمان خان مجموعي طور شو جي 26 قسطن لاءِ 403 ڪروڙ رپيا طئي ڪيا هئا، جڏهن ته هن سال هن وڌيڪ معاوضو وصول ڪندي 450 ڪروڙ رپيا (ساڍا 4 ارب رپيا) ۾ معاهدو ڪيو آهي.
دبنگ اسٽار هن سال هر قسط جي 20 ڪروڙ رپيا وصول ڪندو ۽ مجموعي 450 ڪروڙ رپين جي ڊيل ۾ پروموز ۽ ورچوئل پريس ڪانفرنسز جي فيس به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔