آسٽريليا کي ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ به شڪست، انگلينڊ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

سائوٿمپٽن :انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به آسٽريليا کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سائوٿمپٽن ۾ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهيون.
آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ 40، مارڪس اسٽوئنس 35، گلين ميڪسويل 26 ۽ ايشٽن ايگر 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ طرفان ڪرس جارڊن 2 شڪار ڪيا، جڏهن ته فوجرا آرچر، مارڪ ووڊ ۽ عادل رشيد جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.
جواب ۾ ميزبان ٽيم گهربل هدف 18.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل نه ڪري نه رڳو ميچ پر سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي.
انگلينڊ طرفان جوز بٽلر 77 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 42 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.
انگلش ٽيم ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻيندي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔