جرمني طرفان ڀارت کي ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاء امداد

برلن : ڀارت ۾ ڪورونا وبا ڏينهون ڏينهن زور پڪڙي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جرمن حڪومت ڀارت کي امداد پئي ڏئي.
جرمني طرفان ڀارت کي 3 لک 30 هزار ڪورونا ٽيسٽ ڪٽس ۽ 6 لک حفاظتي لباس فراهم ڪيا پيا وڃن.
گڏوگڏ ڪورونا بحران سبب بيروزگار ٿيندڙن جي مدد لاءِ به ڀارت کي ساڍا 4 سئو ملين کان وڌيڪ يورو جو قرض فراهم ڪيو ويندو.
آچر ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ جرمني جي ترقي بابت وزير گيرڊ ميولر جو چوڻ هو ته جرمني طرفان اهو امدادي پيڪيج ڪنهن به ترقي پذير ملڪ کي ڏني ويندڙ سڀ کان وڏي امداد ۾ شامل آهي.
واضح رهي ته ڀارت ڪورونا سان متاثر ترين ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي، جتي ڪيسن جو انگ 4 ملين کان وڌي چڪو آ

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔