ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ يوم دفاع جي تقريب

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي ، تقريب ۾ بلوچستان اسٽوڊنٽس آرگنائزِيشن  ۽ ٻين شاگردن ۽شاگردياڻين شرڪت ڪئي، ۽ پاڪ فوج جي حق ۽ ڀارتي فوج خلاف نعرا پڻ هنيا .

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڊيجيٽل وار فيئر جي دور ۾ جي رهيا آهيون، اسان جو دشمن سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊه ڪري ڪوڙ کي سچ ڪري پيش ڪري ٿو اسان کي گهرجي ته اسان هر خبر کي شيئر ڪرڻ  کان اڳ ۾ ان جي تصديق ڪريون .

هن وڌيڪ چيو ته اسان بلوچ محب وطن آهيون ، اسان هن ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ، سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستاني فوج سان گڏ گڏ بيٺاآهيون.

اسٽوڊنٽس ايڊوائزر حبيب بلوچ پروگرام جي ميزباني ڪندي چيو ته سڀني آيل مهمانن جو هو ٿورائتوآهي ،هن چيو ته اسان جا بلوچ شاگرد پاڪستان جو فخر آهن ، لياري جا شاگرد نهايت محنتي آهن ، اسان جا شاگرد سوشل ميڊيا تي پاڪستان آرمي خلاف هلندڙ هر غلط پروپيگنڊه جو ڀرپور جواب ڏيندا .

ناليواري ڪالم نويس ۽ وائيس آف سنڌ جي سينئر نمائندي احسن لاکاڻي نوجوان شاگردن جي ذهن سازي ڪندي ٻڌايو ته ڀارت جي مڪاري کي سمجهڻ لاءِ  چناڪيا کي پڙهڻ ضروري آهي ، هاڻوڪي مودي سرڪار ان جي ئي نقش قدم تي هلي رهي آهي پر کيس اهو اندازو ناهي ته پاڪستان خلاف جنگ ڪرڻ ، ان سان دشمني ڪرڻ  چناڪيا جي فلسفي جو موت آهي ، مودي سرڪار  ڀارت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي . هن وڌيڪ چيو ته جيترو مودي ڪشمير جي مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جو ڪوشش ڪندو اوتروئي دنيا جي سامهون اهو مسئلو اڀري آڏو ايندو.

پروگرام جي آخر ۾ لياري جي شاگردن پاڪستاني فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ، سڀني مهمانن پاڪستان آرمي ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ گڏجي ان عزم کي ورجايو ته ڀارت کي هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔