ڪراچي ۾ آرمي چيف جي واپارين سان ملاقات، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صنعتڪارن ۽ واپارين کي انهن جي مختلف معاملن جي حل ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ کين وڌيڪ صنعتن جي قيام ۽ شيون ٻاهر موڪلڻ واري پاسي تي زور ڏنو

ڪراچي جي ڪورهيڊڪوارٽر ۾ شهر جي واپارين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي .

اڍائي ڪلاڪ جاري رهندڙ ان ملاقات ۾ جنرل قمر جاويد باجوه کي بارش کانپوءِ پيداواري سرگرمين ۾ معطلي ، انفراسٽرڪچرکي پهچندڙ نقصان ، رستن جي تباهي ۽ ڪيترين ئي صنعتن ۾ پاڻي گڏ ٿي وڃڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو .

واپارين مختلف معاملا اٿاريا ، جن ۾ گيس انفراسٽرڪچر ڊيولپمنٽ سيس ( جي آءِ ڊي سي) ، ڪراچي ۾ زمين جي اگهن ۾ اضافو، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ پيداواري سرگرمين ۾ ڏکيائين سان گڏ گڏ صنعتڪاري جي گهٽتائي شامل آهي .

آرمي چيف صنعتڪارن کي چيوته هو جي آءِ ڊي سي معاملي تي هڪ صفحي تي ٻڌل تجويزون موڪلن ته جيئن هو ان تي وزيراعظم عمران خان سان ڳالهائي سگهي .

ڪاروباري ماڻهن موجب آرمي چيف چيو ته وزيراعظم شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ مقامي واپار کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ان تي ئي ڳالهائيندو آهي ته ڪهڙي ريت صنعتي ۽ ٻاهر موڪلڻ واري صنعت کي وڌائجي .

هن چيو ته هو ڪاروباري برادري جا سڀ معاملا ۽ خدشا وزيراعظم جي سامهون رکندو جيڪي واپار۽ صنعتن جي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن .

آرمي چيف جو موقف هو واپار ۽ صنعتن جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سولائي سان ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو ملڻ گهرجي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔