سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ، ڪنڌڪوٽ ۾ روڻيون ، گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻوڏ ڊڪليئر

ڪراچي: سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه وڌي ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ روڻيون وڌيون ويون ، گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي تفصيل موجب سنڌو درياهه جي پاڻي ۾چاڙهه بعد ڪنڌڪوٽ ويجهو گهوڙا گهٽ وٽ بند ۾ روڻيون پئجي ويون آهن، روڻين بعد پاڻي کٽي بلاڪ ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻا روڻين واري هنڌ پهچي ويا آهن، ڳوٺاڻن پاران ايريگيشن عملدارن ۽ اختيارين کان روڻيون بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سنڌو درياهه ۾ مسلسل پاڻي چاڙهه بعد بندن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، هوڏانهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه بعد گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، قادرپور شينڪ بند تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ بندن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔