ناليواري مزاح نگار مشتاق احمد يوسفي جو 97 هون جنم ڏينهن

ڪراچي: ناليواري مزاح نگار مشتاق احمد يوسفي جو اڄ 97 هون جنم ڏينهن آهي ،هو مزاح نگاري ۾ نهايت نرالي لکڻين جي ڪري هر دور ۾ مقبول رهيو آهي ۽ اردو ادب ۾ عهد يوسفي سدائين ياد رکيو ويندو .

مشتاق احمد يوسفي 4 سيپٽمبر 1923 ع تي ڀارتي شهر فاروق  آباد جي پور ۾ ڄائو ،آگره يونيورسٽي مان بي اي جي ڊگري ورتائين ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ايم اي فلاسافي ۽ ايل ايل بي جي تعليم پرايائين . پاڪستان ٺهيو ته هجرت ڪري سڄو خاندان ڪراچي هليو آيو .

بينڪر هئڻ باوجود مشتاق احمد يوسفي جو شروع کان ئي قلم سان ناتو جڙيل هو پر هن پنهنجي لکڻين ۾ مزاحيا ۽ طنزيه انداز کي نمايان رکيو .

مشتاق احمد يوسفي جي مزاح ۾ گهڻو ڪري ڳالهائڻ ، تبصرا ، بحث ۽ ڊائلاگ شامل آهن .

مشتاق احمد يوسفي جا ڪتاب چراغ تلي ، خاڪم بدهن ،زرگزشت ۽ شامِ شهرِ ياران ان جي پڙهندڙن ۾ گهڻو ئي مقبول آهن .

ننڍڙن ننڍڙن جملن ۾ مزاح جو رنگ ڀريندڙ هن لکاري جي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت کيس ستاره امتياز ۽ هلال امتياز سان پڻ نوازيو .

مشتاق احمد يوسفي 2018 ۾ وڏي بخار ۾ مبتلا هئڻ ڪري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو پر اردو ادب ۾ مشتاق احمد يوسف جو نالو سدائين روشن ستاري وانگر چمڪندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔