اُتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن جو حملو،3 جوان شهيد، 4 زخمي

اسلام آباد: اُتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن حملو ڪيو. حملي ۾ پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد سميت 3 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته روڊ ڪناري نصب ڪيل آءِ اي ڊي ڊيوائس ذريعي حملو ڪيو ويو. شهيد جوانن ۾ نائيڪ محمد عمران ۽ عثمان اختر شامل آهن. شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جو علائقي ۾ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔