بجلي مهانگي ٿيڻ جو وڏو سبب ماضيءَ جا معاهده آهن:توانائي جو وفاقي وزير

اسلام آباد: توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگي بجلي جو وڏو سبب ماضيءَ جا مهانگا معاهده آهن.

توانائي جي وفاقي وزير ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ جي ميزباني ۾ پهرين اي سي ٽيسٽنگ ليب ۽ سولر هال جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته اڳوڻي حڪومتن جي ڪيل مهانگن بجلي معاهدن تمام وڏو نقصان ڏنو آهي، ماضي جي مهانگن معاهدن سبب ملڪ ۾ بجلي مهانگي ٿي.

هن جو چوڻ هو ته انهن معاهدن تي نظرثاني سان گڏ نوان سولر هائيڊل منصوبا به ٺاهيا آهن، ٽن چئن سالن ۾ انرجي مارڪيٽ به کولينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته بجلي ورهائيندڙن ڪمپنين(ڊسڪوز) جي اوور هالنگ به ڪئي پئي وڃي.

عمر ايوب جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي سسٽم ۾ جيڪا انويسٽ ڪرڻي هئي اها نه ڪئي، هاڻ ان کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته پنهنجو سسٽم بهتر ڪري ۽ ايندڙ سال تائين پنهنجو ايل اين جي پلانٽ هڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔