فوج سان بهترين لاڳاپا آهن ، فوج حڪومت جي مڙني پاليسين جي حمايت ڪري ٿي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت جا فوج سان تمام سٺا لاڳاپا آهن ، فوج  اسان جي سڀني پاليسين جي حمايت ڪري ٿي .

پرڏيهي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته هي جمهوري حڪومت آهي جيڪا اليڪشن کٽي آئي آهي ، حڪومت سنڀالي ته ڪيترائي بحران آڏو هئا ، ۽ رات  جي پيٽ ۾ معيشت کي ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي .

هن چيو ته ملڪ کي صحيح رستي تي آندو آهي ، اسان نه ٿا چاهيون ته اسان جي معيشت اڃان به قرضن تي ڀاڙيندي رهي .

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون ڇو ته اڳتي وڌڻ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو نهايت ضروري آهي .

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪورونا بابت پاڪستان بهترين فيصلا ڪيا آهن ، اسان اکيون ٻوٽي مڪمل لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار نه ڪئي هئي .

وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ۾ فوج سان بهترين لاڳاپا آهن جيڪي ماضي ۾ بهتر نه رهيا آهن ، اسان فوج سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ فوج حڪومت جي مڙني پاليسين جي حمايت ڪري رهي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔