نوازشريف واپس نه آيو ته شهبازشريف کي جواب ڏيڻو پوندو: علي محمد خان

اسلام آباد:پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير علي محمد خان  چيو آهي ته نوازشريف علاج ڪرائي واپس اچي نوازشريف واپس نه آيو ته شهباز شريف کي جواب ڏيڻو پوندو.

رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو ته شهباز شريف نوازشريف جي شخصي ضمانت ڏني هئي، جنهن جي به شخصي ضمانت ڏني ويندي آهي ان  کي واپس آڻڻو پوندو آهي يا شهباز شريف پاڻ کي پيش ڪندو. شهباز شريف عدالت کي ضمانت ڏني هئي ته نوازشريف واپس ايندو، نوازشريف کي گهرجي ته عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي سرنڊر ڪري.

فرخ حبيب چيو ته پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي. (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي پارٽي جا اڪائونٽس ٽي ٽيز ۽ مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيا ويا. ايف اي ٽي ايف جو به اهوئي مطالبو آهي ته پنهنجن اڪائونٽن ۾ شفافيت آڻيو. جيڪو ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي ان کان نظرون چورائڻ نه گهرجن. سمورين پارٽين جي اڪائونٽن جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي. اپوزيشن چاهي ٿي ته پاڪستان بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي. اپوزيشن حڪومت کي ايف اي ٽي ايف قانون تي بليڪ ميل ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔