نيب اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

ڪراچي: نيب اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ نيب هيڊڪوراٽر ڏانهن اُماڻي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر آگاهي ڏيندي چيو آهي ته منظور وساڻ خلاف انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻو آهي يا نه، اُن جو فيصلو نيب چيئرمين ئي ڪندو، منظور وساڻ جي بئنڪ اڪائونٽس، متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، عدالت نيب چيئرمين کان وضاحت طلب ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي معاملن کي جلد اُڪلائڻ گهرجي، اهم ڪيسز کي التوا ۾ رکي نيب ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔