سمجهه ۾ نٿو اچي ته گم ٿيل ماڻهن بابت جڙيل ڪميشن جو مقصد ڇا آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : سمجهه ۾ نٿو اچي ته گم ٿيل ماڻهن بابت جڙيل ڪميشن جو مقصد ڇا آهي؟ ڪو ماڻهو غائب ٿي وڃي ۽ اُن جو پتو نه لڳي ته رياست کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ رياستي ادارن کي 5 سالن کان گُم ٿيل شهري عمران خان جي بازيابي لاءِ آخري موقعو ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته شهري بازياب نه ٿيو ته ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ بيان ڏئي ته رياست ناڪام ٿي چڪي آهي، رياست ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ظرف ڏيکاري جو پنهنجي ناڪامي تسليم ڪري، گم ٿيل ماڻهن بابت قائم ٿيل ڪميشن 10 سالن کان ڪيس پاڻ وٽ رکي ويٺي آهي، ڪو ماڻهو پنهنجي مرضي سان به ويو آهي ته اُن جو پتو لڳائڻ رياست جي ذميواري آهي، عدالت عمران خان کي 29 سيپٽمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔