اسلام آباد: 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا ايس او پيز جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا ايس او پيز جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت اسيمبلي ختم ڪئي وئي آهي. هاڻ شاگرد سڌو ڪلاس جي ڪمري ۾ ويندو.
تعليمي ادارن ۾ داخلا جي وقت شاگردن جي اسڪريننگ لازمي ڪئي ويندي، نزلو، زڪام ۽ بخار جي صورت ۾ شاگرد کي ڪلاس وٺڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
روزاني 4-4 ڪلاڪن جي ٻن شفٽن ۾ ڪلاس ورتا ويندا. ملندڙ انگن اکرن موجب تعليمي ادارا کولڻ بابت حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو.