آمريڪي گلوڪاره آريانه گرانڊي انسٽاگرام تي ويهه ڪروڙ فالوورز رکندڙ پهرين عورت

نيويارڪ:آمريڪا جي مشهور گلوڪاره آريانه گرانڊي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پهرين عورت بڻجي وئي.
انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته فٽبالر ڪرسٽيانورونالڊو سڀني کان اڳتي آهي جن جي فالوورز جو انگ 23 ڪروڙ 70 لک کان به وڌيڪ آهي.
پر عوترن ۾ ڪافي وقت کان آمريڪي گلوڪاره آريانا گرانڊي سڀني کان وڌي فالوورز رکندڙ شخصيت آهي ۽ هاڻ گلوڪاري جي ان ڊوڙ ۾ اڃان به اڳتي ٿي وئي آهي.
انسٽاگرام تي 27 سالن جي آريانا گرانڊي جي فالوورز جو انگ 20 ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي.
ان کان علاوه آريانا گرانڊي کي شوبز انڊسٽري ۾ سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ گهٽ عمر جي شخصيت جو اعزاز به حاصل ٿي ويو آهي.
هن وقت انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز خود انسٽاگرام جي آفيشل پيج جا آهن جن جو انگ 36 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ان فهرست ۾ ڪرسٽيانورونالڊو ٻئين ۽ آريان گرانڊي ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي.
انسٽاگرام فالوورز جي حوالي سان بالي ووڊ اداڪار ڊيوائن جونسن جون چوٿون نمبر آهي جن کي فالو ڪندڙن جو انگ 19 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔