آمريڪي پوليس جي فائرنگ ۾ ٻيو ڪاري نسل جو شهري مارجڻ بعد احتجاج, چڪريون

لاس اينجلس: آمريڪي پوليس هڪ ٻئي ڪاري نسل جي شهري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ نسل پرستي ۽ پوليس جي بربريت بابت ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل شخص وٽ بندوق هئي جيڪا هن آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ پرتشدد بحث دوران اڇلي ڇڏي هئي. مقامي ميڊيا موجب 29 ساله ڊيجون ڪيزي نالي شخص پنهنجي سائيڪل تي سوار هو جڏهن لاس اينجلس جي ڪائونٽي شيرف جي ڊپنيز سومر(31 آگسٽ) تي ٻنپهرن جو گاڏين بابت هڪ غير متعين ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪندي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
پوليس ٻڌايو ته روڪڻ جي ڪوشش تي هو پنڌ فرار ٿي ويو جڏهن اهلڪارن کيس پڪڙيو ته هن هڪ ڊپٽي کي چهري ته ٺونشو هيو جنهن سبب ان جا ڪپڙا ڪري پيا هئا جيڪو اهو شخص پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيو هو.
ليفٽيننٽ برينڊنگ ڊين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪاري نسل جي شهري جي هٿ مان ڪرندڙ ڪپڙن جي اندران هڪ ڪاري رنگ جي خودڪار گن هئي ۽ ان وقت پوليس ڊپٽي ان تي فائرنگ ڪئي پر اهو واضغ ناهي ڪيو ويو ته جڏهن اهو شخص گن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو تڏهن کيس گولي هنئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔