ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي، 35 ڄڻا فوت

اسلام آباد : ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز مينهن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 35 ڄڻا فوت ٿي ويا

پي ڊي ايم اي خيبر پختونخواهه موجب صوبي ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ ڪيتريون ئي پُلون وهي ويون آهن ۽ ٻهراڙي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

تورغر ضلعي ۾ جابلو ڇِپ گهر تي ڪرڻ سان 7 ڄڻا ۽ مانسهرا جي تعلقي اوگي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته بٽگرام جي تعلقي الائي ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون.

هوڏانهن بونير ۾ گهر تي مٽيءَ جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙين سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ان سان گڏوگڏ لوئر ڪوهستان ۽ سوات ۾ به مختلف واقعن ۾ فوتگيون ٿيون آهن.

صوبي ۾ برساتن کانپوءِ درياهن ۽ ندين ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، بالاڪوٽ جي درياهه ۾ زال ۽ مڙس سميت 9 ڄڻا وهي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.

ڪنهار درياهه، سنڌو درياهه ۽ سرن جي ويجهي آبادي کي لڏڻ جو چيو ويو آهي، جڏهن ته دير بالا ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪاٺ جون 4 پُلون وهي ويون، ان سان گڏوگڏ چترال ۾ ٻوڏ سان ريشن واري هنڌ ڳوٺ جو وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي.

آزاد ڪشمير ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب گڏجندڙ روڊ بند آهن.

گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ سان روڊ بند ٿي ويا آهن ۽ ڦنڊر جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته ضلعي غذر ۾ به لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔