شهباز شريف ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات، گڏيل حڪمت عملي تي ڳالهيون

ڪراچي : ن ليگ صدر شهباز شريف بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي بلاول هائوس پهچڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڻ سندس آجيان ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، فرحت الله بابر، نويد قمر، جڏهن ته ن ليگ طرفان احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ محمد زبير سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

ملاقات کانپوءِ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي.

پ پ اڳواڻ نويد قمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ ڦَٽن تي مرهم رکڻ لاءِ ڪراچي آيو آهي، رڳو سنڌ نه ٻين صوبن ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي، هي وقت گڏجي ڪم ڪرڻ جو آهي.

هن چيو ته سموري اپوزيشن کي متحد ٿي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ ڏني وڃي.

فرحت الله بابر چيو ته وفاقي پارلياماني نظام سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي وئي ته نتيجو ڀوائتو هوندو، بنيادي جمهوري اصولن ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسان سنڌ ۾ برسات متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهيون، سنڌ جي عوام کي خاطري ٿا ڪرايون ته سڄو ملڪ انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، متاثرن جي بحالي لاءِ قومي سطح تي آواز اٿاريو ويندو، متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي لاءِ وفاق سنڌ حڪومت جي مدد ڪري.

هن چيو ته هن حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي ملڪ لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، نااهل حڪومت سبب ملڪي معيشت خطري ۾ آهي، ڪشمير جو عوام پاڪستان ڏانهن واجهائي رهيو آهي ۽ حڪومت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي.

سندس چوڻ هو ته ٻنهي جماعتن ميثاق جمهوريت جي اصولن کي ورجايو آهي، ميثاق جمهوريت جي اصولن تحت جدوجهد ۾ اسان جا اختلاف رنڊڪ به بڻبا، حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سمورا آپشن استعمال ڪيا ويندا، رهبر ڪميٽي جي مشاورت سان آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي.

نويد قمر چيو ته رهبر ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ اي پي سي جي تاريخ ڏني ويندي.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي عمل جي ضرورت آهي، پارليامينٽ جي خود مختياري، جمهوري عمل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين، ميثاق جمهوريت ۾ جمهوري، آئيني ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.

فرحت الله بابر چيو ته صدارتي نظام آڻڻ جي ڳالهه به ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي، گم ٿيلن جو مسئلو ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندو پيو وڃي، گم ٿيلن کي بنا دير آزاد ڪرايو وڃي.

احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ صدارتي نظام جو ڪو نئون تجربو ناهي، هاڻ پاڪستان ۾ تجربن جي ضرورت ناهي، 73ع جي آئين ۾ لکيل آهي ته پاڪستان جو سياسي نظام پارلياماني هوندو، اوڀر پاڪستان سانحي وقت به صدارتي نظام هو، يحيٰ خان، ضياءُ الحق، مشرف جو دور صدارتي هو، صدارتي نظام ملڪ کي تباهي ڪناري پهچايو، ملڪ ڪامياب ڪرڻو آهي ته 73ع جي آئين تي اکيون بند ڪري عمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي تي پرڏيهي وزير اپوزيشن کي خط لکي ٿورا مڃيا، قانون سازي ۾ ن ليگ ۽ پ پ قومي ذميواري نڀائي، قانون جي آڙ ۾ حڪومت ڪارو قانون آڻڻ پئي چاهيو، حڪومت احتساب نه پئي ڪري، سياسي انتقام جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.

فرحت الله بابر چيو ته اسان ايف اي ٽي ايف قانون سازي ۾ رنڊڪ ناهيون، ان جي آڙ ۾ حڪومت گم ڪرڻ جو قانون ٺاهڻ چاهي ٿي، اهو ماڻهن کي گم ڪرڻ جو قانون آهي، اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔