صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر تي نيب جو ڇاپو، تلاشي

لاڙڪاڻو : قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي بنگلي تي ڇاپو هنيو آهي

نيب اختيارين لاڙڪاڻي جي علائقي فريد آباد ۾ سهيل انور سيال جي بنگلي تي ڇاپو هنيو، ان موقعي تي نيب سان گڏ عورت پوليس اهلڪار به موجود هيون.

نيب اختيارين سهيل انور سيال جي بنگلي جي ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بنگلي جي اندروني حصن جي تلاشي ورتي وئي.

قومي احتساب بيورو موجب نيب سکر لاڙڪاڻي ۾ سهيل انور سيال جي رهائشگاهن تي ڇاپا هنيا، جن ۾ پهريون ڇاپو سيال هائوس لاڙڪاڻي سٽي، ٻيو انور پيلس ڳوٺ فريد آباد تعلقي باقراڻي ۽ ٽيون ڇاپو سيال پيلس ڳوٺ فريد آباد تعلقي باقراڻي ۾ هنيو ويو.

نيب جو چوڻ آهي ته سهيل انور سيال جي ويجهي ساٿي اسد کرل جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ ڇاپن دوران سڀني رهائشگاهن ۾ هڪ هڪ ڪمري جي تلاشي ورتي هئي، جڏهن ته سڀني رهائشگاهن جا اهم دستاويز تحويل ۾ ورتا ويا آهن.

نيب ٻڌايو آهي ته ڇاپن دوران رهائشگاهن جي ماپ به ڪئي وئي، جنهن ۾ سيال هائوس فريد آباد 4 ايڪڙ ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ ان جو هڪ حصو سرڪاري زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته مان ضمانت تي آهيان، اپريل 2019 ۾ نيب انڪوائري ڪئي هئي، مون کي جڏهن به نيب گهرايو ويو آهيان ۽ هاڻ ٻوڏ سبب ميرپورخاص ۾ آهيان.

هن چيو ته نيب ٽيم اچڻ کان اڳ ڪو نوٽيس نه ڏنو، نيب وارا جنهن گهر ويا اهو منهنجي پيءُ جي نالي تي آهي، جيڪو ايف بي آر ڊڪليئر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔