بالي ووڊ اداڪارا جينيلا ڊي سوزا ڪورونا مان صحتياب

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا جينيلا ڊي سوزا ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ گڏوگڏ آئيسوليشن ۾ گذاريل ڏينهن کي چيلينجنگ قرار ڏنو آهي. اداڪارا ۾ 3 هفتا اڳ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي جڏهن ته هن ۾ بيماري جي ڪا علامت نه هئي. اداڪارا 21 ڏينهن تائين آئيسوليشن ۾ رهي. جينيلا ڊي سوزا انسٽاگرام تي مداحن کي اهڙي خبر ٻڌائي. هن لکيو ته 2 هفتا اڳ ٽيسٽهاڪاري آئي، اڄ ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي. هن چيو ته مرض سان جنگ سولي هئي پر آئيسوليشن ۾ گذاريل ڏينهن چيلينجنگ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔