فرانس جو لبنان تي جلد نئين حڪومت جوڙڻ لاءِ زور

بيروت :فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته لبنان جلد نئين حڪومت جوڙي.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون بيروت پهتو، جتي هن لبنان تي فوري طور نئين حڪومت جوڙڻ لاءِ زور ڀريو آهي.
بيروت ايئرپورٽ تي ڳالهائيندي ايمانوئل ميڪرون چيو ته هاڻ جڏهن ملڪ ۾ نئين وزيراعظم جي نامزدگي ٿي چڪي آهي ته نئين حڪومت جوڙڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته سومر ڏينهن جرمني ۾ مقرر لبناني سفير مصطفيٰ اديب کي لبنان جي نئين وزيراعظم طور نامزد ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔