ڀارت جي پلواما ڊرامي جي آڙ ۾ پاڪستان خلاف سازش بي نقاب ٿي وئي

اسلام آباد: ڀارت پاران پلواما ڊرامي جي آڙ ۾ پاڪستان  جي خلاف سازش بي نقاب ٿي وئي .

ڀارت پلواما حملي ۾ مبينا طور تي ملوث محمد عمر فاروق جو تعلق پاڪستان سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀارتي ميڊيا عمر فاروق جي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽس کي آڏو آڻڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي.

ڀارتي ميڊيا الزام لڳايو ته عمر فاروق جا پاڪستان ۾ 2 بينڪ اڪائونٽس ،2 چيڪ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ آهن، ڀارتي ميڊيا هڪ چيڪ پشاور ۽ ٻيوخيبر ايجنسي جو ظاهر ڪرڻ جي بي بنياد ڪوشش به ڪئي.

ڀارتي ميڊيا پاڪستان کان 10 لک 43 هزار رپيا مني لانڊرنگ جو الزام به مڙهيو هو .

ڀارتي ميڊيا جي ٻڌايل اڪائونٽس، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا رڪارڊ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن.

بينڪن اڪائونٽس ۾ غلط نالا ، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، ولديت ۽ ڄم جي تاريخ جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي

ڀارتي ميڊيا عمر فاروق کي مئل قرار ڏنو جڏهن ته پاڪستان ۾ عمر فاروق جيئرو نڪتو.

پاڪستان ۾ بينڪ نمائندي عمر فاروق سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ان سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي

ڀارتي ميڊيا عمر فاروق جي اپريل 2018 ۾ ڄمون ۾ داخل ٿيڻ جي به دعوا ڪئي هئي جيڪا غلط ثابت ٿي آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا پاران ڏيکاريل چيڪ آگسٽ 2018 جو نڪتو.

ياد رهي ته فيبروري 2019 ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين کي کڻي ويندڙ ٻن بسين کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 44 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔