چهري جي جِلد کي خراب ڪندڙ عادتون..

اسلام آباد: اوهان ان ڳالهه سان اتفاق ڪريو يا نه ڪريو پر اسان جون عادتون ئي اڪثر اسان جي خراب جلد جو سبب بڻجنديون آهن ۽ جيڪڏهن اوهان به پنهنجي ان خراب عادتن کي سڌاري ڇڏيو ته ان سان اوهان جي جلد جا بهتر نتيجا سامهون ايندا.اچو ته اسان اوهان کي ان عام عادتن جي باري ۾ ٻڌايون جنهن سان اوهان جي جلد خراب ۽ بي رونق نظر ايندي آهي. ڳلن تي هٿ ڦيرڻ: اسان جي چهري تي جيئن ئي هڪ داڻو به نڪرندو آهي ته اسان جي پريشاني شروع ٿي ويندي آهي ۽ اسان ان کي هٿ لڳائيندا رهندا آهيون. ڪيترن ئي ماڻهن کي ته ان کي ننهن هڻڻ ۽ خرچڻ جي به عادت هوندي آهي جيڪا جلد جي خرابي جو سبب بڻجندي آهي.جيڪڏهن اوهان جي چهري تي ايڪني هجي ته ان کي هٿ نه لڳايو پر منهن تي عرق گلاب جو اسپري ڪندا رهو ته جيئن اوهان جو چهرو تازو رهي. ميڪ اپ کي صاف ڪرڻ کان سواءِ سمهڻ: اسان مان ڪيترائي ماڻهو ايترا سست هوندا آهن جو ٻاهر کان اچڻ کان پوءِ پنهنجو ميڪ اپ صاف ڪرڻ کان سواءِ ئي سمهي رهندا آهن ۽ صبح جو اٿي منهن ڌوئيندا آهن.اها عادت ڪهڙي به طرح جلد جي لاءِ تمام گهڻي نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. ائين ڪرڻ سان جلد تي ايڪني، جهريون ۽ داڻا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. چهري کي زري زري هٿ لڳائڻ: اسان ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي چهري کي هٿ لڳائيندا آهيون ۽ اها ڪڏهن اوهان جي عادت بڻجي وڃي ان جي اوهان کي به خبر نه پوندي آهي. اها عادت اوهان جي جلد کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي. ڇو ته اسان جي هٿن ۾ ڪيترائي جراثيم هوندا آهن ۽ چهري کي هٿ لڳائڻ سان اهي جراثيم چهري تي لڳي ويندا آهن جنهن سبب جلد جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري احتياط سان ئي اسان چهري جي جي جِلد کي خراب ڪرڻ کان بچي سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔