ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ به گجگوڙ سان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي .

ڪراچي ۾ جاري مون سون جي نئين اسپيل شهر کي وري پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيو آهي ، شهر ۾ اڄ صبح کان ئي گجگوڙ سان وري تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ملير قائدآباد، شاهراه فيصل، بلوچ ڪالوني ، محمود آباد، گلستان جوهر ، ائير پورٽ ، آءِ آءِ چندريگر روڊ ، گلشن اقبال ، اولڊ سٽي ايريا ، موسميات ، لانڍي ڪورنگي ، قيوم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تيز وسڪارو جاري آهي.

تيز برسات سبب شهر جي اهم روڊن ۽ رستن تي پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل پئجي ويو سوين گاڏيون روڊن تي بيهجي ويون .

ڪالهوڪي برسات سبب قائد آباد سميت مختلف علائقن ۾ متاثر ماڻهو اڄ به بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان گزارڻ تي مجبور آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔