سنڌ جي وڏي وزير پاران حيدرآباد جو دورو، قدم گاهه مولا علي عليه السلام تي حاضري ڀري

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  حيدرآباد ۾ پيل تازين تيز برساتن کانپوءِ شهر جي صورتحال ۽ محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن  جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ حيدرآباد جو تفصيلي دورو ڪيو.

ان موقعي تي وڏي وزير قدم گاهه مولاعلي عليه السلام جو پڻ دورو ڪيو. وڏي وزير پاران ضلعي انتظاميا کي قدم گاهه توڙي شهر ۾ عزادارن کي سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ جٽادار اپاءُ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي  قدم گاهه مولا علي السلام  جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ ڪافي برسات پوڻ باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ صورتحال ڪافي بهتر آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي محنت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي رهيل هيٺيانهن وارن علائقن مان پڻ تمام جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته هن سال سنڌ ۾ غيرمعمولي برساتون پيون آهن ۽ ڪراچي ۾ ته سئو سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي تنهن هوندي به صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي.

هڪ سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي دوري دوران هڪ گڏجاڻي ۾ حيسڪو انتظاميا يقين ڏياريو هو ته واسا جي پمپنگ اسٽيشنن تي ڊبل ڪنيڪشن تحت بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو پر ان تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ حيسڪو جي ڪارڪردگي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ معمولي بهتري آئي آهي. وڏي وزير چيو ته واسا جيتوڻيڪ هڪ بااختيار ادارو آهي پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت وقت بوقت واسا جي مالي سهائتا ڪندي رهي ٿي.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد شهر ۾ پيل تيز برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ تعلقي لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن ۽ هيٺيانهين وارن علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي هن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اهي 24 ڪلاڪ پمپنگ اسٽيشنن کي فعال رکڻ کي يقيني بڻائين ۽ جلد کان جلد هيٺيانهن وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري عوام کي رليف مهيا ڪن.

ان موقعي تي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي ڄام خان شورو، ايم پي اي عبدالجبار خان، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ کان علاوه ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔