اداڪارا يمنيٰ زيدي سندس ساراهه تي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا

ڪراچي: پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا يمنيٰ زيدي سندس فنڪاراڻين صلاحيتن جي ساراهه تي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا آهن. اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري ذريعي پنهنجي صلاحيتن جي تعريف ڪرڻ تي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا. 31 ورهين جي يمنيٰ زيدي لکيو ته سندس ڪم ۽ محنت جي واکاڻ ڪندڙ خوبصورت عوام جي مهرباني جيڪو پاڪستان، ڀارت، نيپال، بنگلاديش، آمريڪا، ڪينيڊا، متحده عرب امارات ۽ دنيا جي هر ڪنڊ مان کيس پيار موڪلي رهيو آهي. هر دلعزيز اداڪارا جا ڊراما پاڪستان جي مختلف نجي ٽي وي چينلز تي نشر ٿي رهيا آهن جن ۾ هو مختلف ڪردار نڀائيندي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔